اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم ش??هه محمود قريشي سان او آءِ سي پرڏيهي وزيرن و??ري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان جي دوري تي آيل بوسنيا جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بسير اترڪووچ وفد سان گڏ پرڏيهي وزارت ۾ ??لا??ات ڪئي. ??لا??ات دوران ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ش??هه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ۽ بوسنيا جي وچ ۾ گهرا لاڳاپا موجود آهن. پرڏيهي وزير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپ??ري لاڳاپن جي فروغ جي لاءِ وفدن جي مٽاسٽا جي ضرورت تي زور ڏنو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ بوسنيا جي وچ ۾ گڏيل اقتصادي ۽ واپ??ري ڪميشن جا اجلاس باقاعده منعقد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعليم جي شعبي ۾ تعاون جي فروغ لاءِ طئي ٿيل معاهدي تحت شاگردن، استادن ۽ محققن جي مٽاسٽا ڪارائتي ثابت ٿي سگهي ٿي. بوسنيا جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بسير اترڪووچ شاندار استقبال ۽ پرخلوص ميزباني تي پرڏيهي وزير مخدوم ش??هه محمود قريشي جا ٿورا مڃيا.