اسلام آباد – 14 ڊسمبر (اي پي پي) اطل??عا?? ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته دنيا ۾ بيانيو اهم شڪل اختيار ڪري ويو آهي، اسان کي پنهنجو بيانيو مضبوط ڪرڻو پوندو، ٽيڪنالاجي جي ڦهلاءُ کانپوءِ انفارميشن جي شعبي جي اهميت ۾ اضافو ٿيو، بي عالمي جنگ ک??نپوءِ اخلاقي معيار تبديل ٿيا ۽ هڪ نئين وار فيئر جي شروعات ٿي. اسلام آباد پاليسي ريسرچ انسٽيٽيوٽ جي اهتمام هيٺ مارگلا ڊائيلاگ 2021ع جي پڄاڻي واري سيشن کي خطا ڪندي اطل??عا?? واري وفاقي وزير چيو ته تاريخ کي ڏٺو وڃي ته وائيڪنگز ۾ موريلٽي آف وار مختلف هئي، ان وقت جنگ جو اخلاقي معيار مختلف هو، نادر شاهه کي جڏهن خبر پئي ته هند??تا?? ۾ ڪافي دولت آهي، هن هند??تا?? تي حملو ڪيو، جڏهن هو واپس ويو ته هند??تا?? جي دولت به پاڻ سان گڏ کڻي ويو. هن چيو ته ٻي عالمي جنگ ک??نپوءِ اخلاقيات جا معيار تبديل ٿيا، هڪ نئين وار فيئر جي شروعات ٿي، آمريڪا افغان??تا?? تي ڪجهه ڪلاڪن ۾ قبضو ڪري ورتو هو، آمريڪي ايئر فورس افغان??تا?? آئي ته طالبان جا ماڻهو ڀڄي ويا ۽ آمريڪا افغان??تا?? تي قبضو ڪري ورتو پر جڏهن آمريڪا افغان??تا?? مان واپس ويو ته اتي ڪو متبادل نظام نه ڏئي سگهيو. هن چيو ته اخلاقي معيار تبديل ٿيڻ جي ڪري 1950ع کانپوءِ ڪو ملڪ طاقت جي زور تي ڪنهن ٻي قوم سان الحاق نه ڪري سگهيو، رڳو عراق ڪويت تي قبضو ڪيو پر پوءِ عراق کي به واپس وڃڻو پيو، اهڙي طرح ايسٽ انڊيا ڪمپني به هند??تا?? اچي ڦرلٽ ڪئي پر ٻي عالمي جنگ ک??نپوءِ ان کي به وڃڻو پيو. هن چيو ته قائداعظم محمد علي جناح 11 آگسٽ 1947ع تي بنيادي اصول آئين ساز اسيمبلي آڏو پيش ڪيا، علامه اقبال اتر اولهه هند??تا?? ۾ مسلم اڪثريتي علائقن ۾ هڪ سياسي يونٽ جوڙڻ تي زور ڏنو ڇو ته علامه اقبال ان وقت هند??تا?? ۾ مسلمانن جي اها خراب حالت ڏسي رهيو هو جيڪا هاڻي بي جي پي حڪومت جي اندر مسلمانن جي آهي. اطل??عا?? واري وفاقي وزير چيو ته علامه اقبال پوليٽيڪل نيشن اسٽيٽ جي جيڪا تشريح بيان ڪئي ان تي قائداعظم 1940ع ۾ قرارداد پاڪ??تا?? بڻائي. چوڌري فواد حسين چيو ته بدقسمتي سان اسان پنهنجي قوم کي پنهنجي ڪهاڻي نه ٻڌائي سگهياسين، ڍاڪا سانحي جي وقت اسان آپريشنل غلطيون ڪيون، اسان سمورن فارن ڪارسپانڊنٽس کي ڍاڪا مان ڪڍي ڇڏيو، اسان اميد ڪري رهيا هئاسين ته هند??تا?? ۾ ويهي غيرملڪي ڪارسپانڊنٽس اسان جي اسٽوري بيان ڪندا، ان وقت اسان ماڻهن کي اتي رکون ها جيڪي اسان جي ڪهاڻي ٻڌائين ها، اسان وٽ اهي ماڻهو ئي نه رهيا. هن چيو ته 69ع جي ڏهاڪي تائين پاڪ??تا?? دنيا جو ٽيون وڏو فلم ميڪر ملڪ هو، پاڪ??تا?? ۾ سئنيما گهرن جو انگ دنيا ۾ ٻئي نمبر تي هو، 2005ع ۾ اسان فلم انڊسٽري ۾ زيرو تي اچي وياسين، هڪ فلم نه ٺهي رهي هئي، هن سال به اسان هڪ يا ٻه فلمون ٺاهيون آهن، جڏهن اسان جي فلم انڊسٽري ۾ زوال هوندو، ٽي وي ڊراما ۽ ميوزڪ نه هوندو، ڪلچر نه هوندو ته اسان پنهنجي ڪهاڻي ڪيئن ٻڌائينداسين. هن چيو ته اسان پنهنجي هر ميڊيم کي نقصان پهچايو، اسان کي پنهنجو بيانيو مضبوط ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي ادارن کي مضبوط ڪرڻو پوندو. اطل??عا?? واري وفاقي وزير چيو ته جڏهن طالبان جي حڪومت ختم ٿي ته حامد ڪرزئي جي حڪومت آئي، افغان??تا?? جي اندر ٽي وي چينل کلڻ شروع ٿيا، پاڪ??تا?? هڪ به ٽي وي چينل کي اسپانسر نه ڪيو، ان جي مقابلي ۾ اتي ٽي وي چينلز ڀارتي امداد سان هلي رهيا هئا. هن چيو ته پاڪ??تا?? کي پنهنجو سافٽ پاور بڻائڻ گهرجي ها. چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪ??تا?? ۾ 143 چينلز، 50 جي لڳ ڀڳ غيرملڪي چينلز ۽ هزارين يو ٽيوب چينلز آهن، ايڏي وڏي ميڊيا جي موجودگي ۾ پروپئگنڊه ڪئي وڃي ٿي ته پاڪ??تا?? ۾ ميڊيا آزاد نه آهي، مينار پاڪ??تا?? واقعي تي رڳو هڪ ڀارت ويب سائيت 600 وڊيوز ٺاهيون، نور مقدم ڪيس ۾ ڀارت جي ويب چينل هڪ ڏينهن ۾ 155 شارٽ ڪلپس هلايا، اهي ٻڌائڻ چاهيندا هئا ته پاڪ??تا?? ۾ ميڊيا ڪيتري انڊر پريشر آهي. هن چيو ته ڀارت باقاعده منظم پروپئگنڊه جي طور تي ان کي بيانيي طور پيش ڪري ٿو، اها ماڊرن وار فيئر آهي، اڪانوميز کي اهڙي طرح سان متاثر ڪيو وڃي ٿو. هن چيو ته جڏهن آئون 2018ع ۾ پهريون ڀيرو اطل??عا?? وارو وزير بڻيس ته ان کان اڳ آئون پي ٽي آءِ جو سيڪريٽري اطل??عا?? هئس، پي ٽي آءِ جي ڊيجيٽل ميڊيا جي ٽيم سرڪار کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ مضبوط هئي، بعد ۾ اسان ڊيجيٽل ميڊيا ونگ جوڙي، اسان پي ٽي وي کي ايڇ ڊي ڪيو پر اهي ننڍا ننڍا قدم آهن، اسان کي وڏا قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.