اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري ملاقات ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري پڌرائي موجب ملاقات دوران آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر وزيراعظم عمران خان کي ڪشمير ڪاز کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ آم??يڪا ۽ يورپ ۾ رهند?? پاڪستانين کي متحرڪ ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي پرڏيهي دورن جي ??ام??ابي کان آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ترقي بابت معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.