ڪابل -11آڪٽوبر (اي پي پي) افغانستان جي ??رڏ??هي وزارت آمريڪا طرفان افغانستان کي انساني بنيادن تي امداد فراه?? ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪرڻ جي آجيان ڪندو چيو آهي ته انساني بنيادن تي امداد کي سياسي مسئلن سان ڳنڍڻ نه گهرجي. طالبان جي ترجمان ذبيح الله مجاهد ??رڏ??هي وزارت جي حوالي سان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته اماراتي اسلامي افغانستان ۽ آمريڪا وچ ۾ ٻن ڏينهن جون ڳالهيون سٺيون رهيون ۽ ان دوران مختلف سياسي مسئلن تي تفصيلي طور غور ويچار ڪيو ويو. هن چيو ته افغانستان مسئلي جي حل لاءِ دوحه معاهدي تي مڪمل عملدرآمد کي بهترين رستو قرار ڏنو ۽ چيو ته انساني امداد کي سياسي مسئلي سان ڳنڍڻ نه گهرجي. هن چيو ته آمريڪي نمائندن افغان شهرين کي امداد فراه?? ڪرڻ ۽ ٻين تنظيمن کي امداد جي فراهمي ڪرڻ لاءِ سهولت فراه?? ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪيو جنهن جو اماراتي اسلامي افغانستان آجيان ڪئي آهي. هن چيو ته افغانستان شفاف بنيادن تي ضرورتمند ماڻهن کي امداد جي فراهمي ۾ سهڪار ڪندو. ??رڏ??هي شهرين جي واپسي ۾ مدد فراهم ڪندو. هن چيو ته آمريڪا سان ٿيل ڳالهين دوران سمورن لاڳاپيل مسئلن تي غور ويچار ڪيو ويو ۽ افغانستان کي بهتر رياست بڻائڻ لاءِ سفارتي ناتن جي بحالي لاءِ ڪوششون تيز ٿيڻ گهرجن. هن چيو ته آمريڪا سان ڳالهين کي هڪٻئي کي سمجهڻ جو بهترين موقعو سمجهون ٿا ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته جيڪڏهن ضرورت پئي ته مس??قب?? ۾ ان قسم جون ڳالهيون وڌيڪ منعقد ڪيون وينديون.