اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي صنعتي شعبي جي ضرورتن کي پورو ??رڻ سان گڏوگڏ ملڪ کي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي راهه تي گامزن ??رڻ لاءِ هنرمند افرادي قوت پيدا ??رڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته يونيورسٽين ۽ تربيتي ادارن طرفام مهارتن جي فراهمي سان ملڪ ۾ روزگار جا موقعا پيدا ??رڻ ۾ نمايان مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ نيشنل اسڪلز يونيورسٽي (ا??ن ايس يو) اسلام آباد جي مشاورتي ڪائونسل جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ تع??يم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزير شفقت محمود، ا??ن ايس يو جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد مختار ۽ مشاورتي ڪائونسل جي ميمبرن شرڪت ڪئي. وائيس چانسلر اجلاس کي هنر تي ٻڌل ۽ فني تع??يم ڏيڻ ۾ ا??ن ايس يو جي ڪردار کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته مشاورتي ڪائونسل ا??ن ايس يو جي تعليمي پروگرامن کي معلومات فراهم ??رڻ ۾ مدد ڪندي ته جيئن تربيت ۽ مهارت جا ڪورسز ۽ تعليمي پروگرام انڊسٽري جي گهرجن ۽ گڏيل ضرورتن کي ٺوس بڻائي سگهجي. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر ا??ن ايس يو ۽ صنعتي شعبي جي وچ ۾ رابطن ۽ حصيداري قائم ??رڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ا??ن ايس يو ۽ صنعتي شعبي جي وچ ۾ سهڪار ۽ حصيداري اهم آهي ڇو ته ان سان نوجوانن جي لاءِ مارڪيٽ ۾ مهارت ۽ روزگار جا موقعا پيدا ??رڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته ملڪ جي صنعتي شعبي کي هنرمند افرادي قوت جي کوٽ درپيش آهي، هن ا??ن ايس يو ۽ ٻين فني تربيتي ادارن تي زور ڏنو ته اهي مارڪيٽ جي ضرورتن موجب ملازمت جي قابل گريجوئيٽ پيدا ڪن. صدر وڌيڪ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته يونيورسٽي پاران پيش ڪيل تعليمي ۽ ٻين تربيتي ۽ هنرمندي جي پروگرامن بابت ماڻهن ۾ شعور پيدا ??رڻ لاءِ قدمن جي ضرورت آهي.