اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانس??ان ۾ جنم وٺندڙ معاشي ۽ انساني بح??ان جي پيش نظر عالمي برادري کي فوري قدم کڻڻا پوندا، جيڪڏهن افغانس??ان ۾ حالتون وڌيڪ خراب ٿيون ته پورو خطو متاثر ٿيندو. پرڏيهي آفيس جي تر??ما?? موجب شاهه محمود قريشي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي خميس ڏينهن نيويارڪ ۾ پنهنجي ترڪ هم منصب ميولوت چاوش اولو سان ملاقات ڪئي. ملاقات دو??ان ٻطرفي لاڳاپن، گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ ۽ افغانس??ان جي اڀرندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪس??ان ۽ ترڪي جي وچ ۾ اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ تعاون ڪائونسل جهڙي فورم جي موجودگي، ٻطرفي لاڳاپن جي استحڪام جو مظهر آهي، ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪس??ان ۽ ترڪي جي وچ ۾ دفاعي لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي ان کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته اسان ڪشمير مسئلي جي حوالي سان ترڪي جي اصولي موقف ۽ پاڪس??ان جي موقف جي مسلسسل ۽ اڻٽر حمايت تي ترڪ قيادت جا دل جي گهراين سان ٿورائتا آهيون، ترڪ قيادت پا??ان عالمي سطح تي مظلوم ڪشميرين جي حمايت سان انهن جا حوصلا بلند ٿيا، هن چيو ته وڌندڙ اسلامو ??وب??ا جي رجحان ۽ نفرت انگيز بياني کي چيڀاٽڻ لاءِ گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جهڙن فورمن تي پاڪس??ان ۽ ترڪي جي گڏيل ڪوششون اطمينان جو باعث آهن. شاهه محمود قريشي چيو ته افغانس??ان ۾ جنم وٺندڙ معاشي ۽ انساني بح??ان جي پيش نظر افغانين لاءِ معاشي ۽ انساني مدد جي غير مشروط فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ عالمي برادري کي فوري قدم کڻڻا پوندا، جيڪڏهن افغانس??ان ۾ حالتون وڌيڪ خراب ٿيون ته پورو خطو متاثر ٿيندو. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪس??ان عالمي برادري جي مدد کانسواءِ پنهنجي محدود وسيلن جي باوجود گذريل 40 سالن کان 40 لک کان وڌيڪ افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪندو پيو اچي، اسان جي معيشت وڌيڪ پناهگيرن جو بار نٿي کڻي سگهي، پاڪس??ان خطي جي امن ۽ استحڪام لاءِ افغانس??ان ۾ قيام امن کي اڻٽر سمجهي ٿو.