اسلام آباد – 19 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ”احساس ڪير بکيو نه سمهي“ پروگرام اڄ جمعي تي توسيع جو اعلان ڪندو، وزيراعظم ملتان، گوجرانوالا ۽ لاهور ۾ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ ماڻهن لاءِ خوراڪ جي 4 وڏين ٽرڪن ج?? به افتتاح ڪندو. وزيراعظم جي خاص مددگار سينيٽر ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ پاڪستان بيت المال جي مينيجنگ ڊائريڪٽر ملڪ ظهير عباس کوکر وزيراعظم کي پروگرام ۾ توسيع جي باري ۾ بريفنگ ڏيندا. احساس پروگرام تحت 5 شهرن ۾ 12 ٽرڪن جي ذريعي مستحق ماڻهن کي ٻن ويلن جو کاڌو فراهم ڪيو پيو وڃي.
پروگرام جي تجربي کي هاڻي سگهه ڏئي وڌيڪ 7 شهرن ۾ وڌايو ويندو جنهن ۾ ملتان، گوجرانوالا ۽ لاهور به شامل آهن. 4 وڌيڪ ٽرڪن جي شموليت کانپوءِ ان منصوبي ۾ شامل ٽرڪن جو تعداد 16 ٿي ويندو، سرڪاري ذريعن خميس ڏينهن ٻڌايو ته هن سال آڪٽوبر ??ائ??ن ”احساس ڪير بکيو نه سمهي“ پروگرام کي چئني صوبن، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ??ائ??ن توسيع ڏني ويندي جڏهن ته خوراڪ جي گاڏين جو تعداد 40 ??ائ??ن پهچي ويندو. ”احساس ڪ?? به بکيو نه سمهي“ پروگرام جو مقصد مزدورن ۽ ڏهاڙي جي ڪم ڪندڙن ماڻهن کي مف?? خوراڪ جي فراهمي آهي.
غريب طبقي کي مف?? خوراڪ جي فراهمي سان کين پنهنجي روزاني جي ڪمائي بچائي ان کي پنهنجي گهرڀاتين تي خرچ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هڪ ٽرڪ جي ذريعي روزاني هڪ هزار کان ڏيڍ هزار مستحق ماڻهن کي مخصوص ماڳن تي خوراڪ فراهم ڪئي پئي وڃي. مستحق ماڻهن کي هفتي جا ست ڏينهن ۽ سال جا 365 ڏينهن ٻن ويلن جو کاڌو فراهم ڪيو پيو وڃي. ”احساس ڪ?? به بکيو نه سمهي“ پروگرام جون ٽرڪون باورچي خانا کاڌو پچائڻ جي محفوظ ساز ۽ سامان سان ليس آهن، ٽرڪ جي رڌڻي مان کاڌو تيار ڪري ان کي محفوظ طريقي سان مستحق ماڻهن ۾ ورهايو ويندو آهي.
لاهور، فيصل آباد، راولپنڊي، پشاور ۽ اسلام آباد ۾ هن وقت ??ائ??ن 8 لک 31 هزار 625 خوراڪ جا پيڪيٽ ورهائجي چڪا آهن. هلندڙ سال جي آغاز ۾ وزيراعظم اعلان ڪيو هو ته سال 2021ع ۾ ”احساس ڪير بکيو نه سمهي“ پروگرام شروع ڪيو وڃي ته جيئن ڪ?? به ماڻهو بکيو نه سمهي، وزيراعظم عمران خان ان مقصد لاءِ 10 مارچ تي “احساس ڪير بکيو نه سمهي“ پروگرام جو باقاعده آغاز ڪيو جنهن جو مقصد، راولپنڊي، اسلام آباد جي گڏيل شهرن جي مستحق ماڻهن کي مفت کاڌي جي فراهمي هئي. ان تجربي جي بنياد تي هاڻي ان پروگرام جو دائره ٻين شهرن ??ائ??ن وسيع ڪيو پيو وڃي، احساس پروگرام جي نگراني ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ٽرڪن جي آپريشنز جي ذميداري پاڪستان بيت المال خوراڪ جي آهي جڏهن ته سيلاني ويلفيئر انٽرنيشنل ٽرسٽ جي ذمي خوراڪ جي فراهمي آهي،
پروگرام کي سگهه ڏيڻ خاطر ماڻهن جي عطين لاءِ وزيراعظم ”احساس ڪير بکيو نه سمهي“ فنڊ قائم ڪيو ويو آهي، احساس ڪير بکيو نه سمهي پروگرام لاءِ عوام پنهنجا عطيا روڪ يا چيڪ جي ذريعي ڪمرشل بئنڪن ۾ جمع ڪرائي سگهي ٿي. عطيا اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان بئنڪنگ سروسز ڪارپوريشن سڄي ملڪ جي 15 شهرن ۾ فيلڊ آفيسن ۾ به جمع ڪرائي سگهن ٿا.
ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني ڪنهن به ڪمرشل بئنڪ ۾ بئنڪن جي ويب سائيٽس تي ان حوالي سان ڏنل ا??ائ??نٽس ۾ موڪلي سگهن ٿا، احساس پروگرام عطين لاءِ فنڊز جي مينيجمينٽ جو طريق??ڪا?? پاورٽي ايلويشن اينڊ سوشل سيفٽي ڊويزن جوڙي رهيو آهي ته جيئن فنڊز جي استعمال ۾ شفافيت رکي سگهجي.