اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪ??تا?? امن جو خواهشمند آهي پر ڀارت پاڪ??تا?? جو امن تباهه ڪرڻ جو پڪوپهه ڪري رکيو آهي، جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان ڏوهن ۽ دهشتگردي جي واقعن تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پوليس شهيدن جي ڏهاڙي جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پوليس جي شهيدن جي تقريب ۾ شرڪت فخر جوڳي آهي، پوليس جي تمام گهڻين قربانين ۽ انهن جي مسئلن جو ادراڪ آهي. فوج ۽ پوليس جي قربانين سان ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪيو، پاڪ??تا?? جي فوج ۽ پوليس پاڪ??تا?? کي قائم رکڻ جي لاءِ پنهنجو رت پيش ڪيو. هن چيو ته ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ سيڪيورٽي چئلينجز کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو ۽ اسان کي چوڪس رهڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ڀارت پاڪ??تا?? جو امن برباد ڪرڻ چاهي ٿو ۽ لاهور واقعي ۾ به ڀارت ملوث هو. ڀارت پاڪ??تا?? جو امن تباهه ڪرڻ جو پڪوپهه ڪري رکيو آهي. هن چيو ته آئون شهيدن جي خاندانن سان ٽيليفون تي رابطو رکڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان ۽ انهن جي ڏک ۾ شريڪ ٿيندو آهيان. مون کي فخر آهي ته شهيدن جا خاندان پنهنجي سپوتن جي شهادت تي فخر ڪن ٿا. دنيا جي ڪا قوم پنهنجي شهيدن ۽ ملڪ جي لاءِ ايتري محبت نه ٿي رکي. پاڪ??تا?? جي فوج ۽ پوليس دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون. دنيا جا سپر پاورز به دهشتگردي تي ضابطو آڻي نه سگهيا پر پاڪ??تا?? اڪيلي ان چئلينج تي ضابطو آندو. هن يچو ته پوليس ڏوهاري ماڻهن جي خلاف هر اول دستو آهن. هن ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته انهن جي صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ سيڙپڪاري ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته ٽيڪنالاجي جي استعمال سان ڏوهن ۽ دهشتگردي جي واقعن تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. ڊرون ڪئميرا ۽ ٽيليفون ڊيٽا جي تجزيي سان ڏوهن جي جاچ ۾ مدد حاصل ڪري سگهجي ٿي. هن چيو ته اسلام آباد پوليس جي زخمي اهلڪارن کي بهترين علاج جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن. صدر پوليس جي شهيدن جي پونئيرن کي مالي امداد ۽ ٻارن کي نوڪريون ڏيڻ تي پوليس کي ساراهيو. هن چيو ته شهيد قوم کي نئين زندگي ڏين ٿا ۽ شهيدن جي ٻارن جي تعليم جي ذميواري رياست کي کڻڻ گهرجي. صدر چيو ته پاڪ??تا?? صهيح فيصلن جي ڪري ڪورونا تي ضابطو آندو ۽ ڀارت جي ڀيٽ ۾ پاڪ??تا?? ۾ حالتون بهتر رهيون. عالم سڳورن، ميڊيا ۽ قوم جي تعاون سان حالتون ڪنٽرول ۾ رهيون. ڪرپشن قوم کي اڏوهي وانگر کائي وڃي ٿي ۽ پاڪ??تا?? ايماندار قيادت جي ڪري ترقي ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته ق??م گڏجي ڪورونا وبا جو مقابلو ڪيو، وزيراعظم عمران خان ??ان??منداڻا فيصلا ڪيا، قوم ذميواري جي احساس جو مظاهرو ڪيو، عالم سڳورن ۽ ميڊيا پڻ اهم ڪردار ادا ڪيو. ان موقعي تي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد ۽ انسپيڪٽر جنرل آف اسلام آباد پوليس قاضي جميل الرحمان پڻ تقريب کي خطاب ڪيو. تقريب ۾ قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري، گهرو سيڪريٽري، پوليس جي اعليٰ عملدارن ۽ پوليس شهيدن جي وارثن ۽ گهرڀاتين شرڪت ڪئي.