اسلام آباد – 04 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزير??عظ?? عمران خان نئين جمهوري روايتن جو بنياد رکي ڇڏيو آهي، عمران خان بنا ڪنهن دٻاءُ جي ذاتي ??ور تي فيصلو ڪيو آهي ته هو 6 مارچ تي ??يوان مان ٻيهر اعتماد جو ووٽ وٺندو، مخالف ڌر ته ان ڳالهه تي ??ه پريشان آهي ته وزير??عظ?? ڇو اعتماد جو ووٽ وٺي رهيو آهي، هاڻي اهو طئي ٿي چڪو آهي ته جمهوري قدر ئي هلندا، ڌمڪي، ڌانڌلي ۽ لوٽ مار جي سياست سان ملڪ نٿو هلي سگهي. هو نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائي رهيو هو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته وزير??عظ?? عمران خان اتحادي پارٽين سان مشاورت کانپوءِ صادق سنجراڻي کي سينيٽ چيئرمين لاءِ اميدوار ن??مزد ڪيو آهي، ان جو بنيادي سبب بلوچستان صوبي سان تعلق هجڻ آهي ته جئين بلوچستان کي نمائندگي ملي ۽ ان سان گڏوگڏ ان جي گذريل ٽن سالن جي ڪارڪردگي ڏسندي اهو فيصلو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته قومي اسيمبلي جو اجلاس 6 مارچ تي ??لب ڪيو ويو آهي جنهن ۾ عمران خان ٻيهر اعتماد جو ووٽ وٺندو، ايوان ۾ حڪومت ۽ اتحادي پارٽين ??ا سمورا ميمبر موجود هوندا.