اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ سياحت سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا آهن، حڪومت عالمي سيڙپڪار ڪمپنين کي سيڙپڪاري لاءِ هر ممڪن سهولتون فراهم ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ظهبي گروپ جي ??فد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ??فد ۾ ظهبي گروپ جي سي اي او تنوير حسين اعواڻ، ڊائريڪٽر سلمان ناصر عبدالله البدي ۽ پاڪستان جي ڪنٽري هيڊ محمد شهباز خان شامل هئا. ان موقعي تي وزيراعظم جو واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق ??ائ??د، وزيراعظم جو خاص مددگار ذوالفقار عباس بخاري، ڪشمير ڪميٽي جو چيئرمين شهريار خان آفريدي ۽ بي او آءِ جو چيئرمين عاطف بخاري به موجود هئا. ??فد وزيراعظم عمران خان جي ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي فروغ جي ويزن ۽ ٻاهرين سيڙپڪار ڪمپنين جي لاءِ سيڙپڪاري ۾ آسانيون فراهم ڪرڻ جي قدمن جي واکاڻ ڪندي مستقبل ۾ سيڙپڪاري ۾ اضافي جي حوالي سان گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو.