اسلام آباد – 18 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ??ه ڪورونا وائرس جي ٻي شديد ل??ر کي نظر ۾ رکندي ايندڙ هڪ ٻن ڏينهن ۾ تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويندو، ڪورونا وائرس جي شرح ساڍا 7 سيڪڙو تائين پهچي چڪي آ??ي، حڪومت ان تجويز تي غور ڪري رهي آ??ي ته سياري جي مو??م جون ڊگهيون ۽ گرمي جي مو??م جو موڪليون محدود ڪيون وڃن، جتي به ماڻهُو جام گڏ ٿيندا اتي ڪورونا وائرس پکڙجندو.