اسلام آباد – 16 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته خ??بر??ختونخوا صوبي کي الله تعال??ٰ بي پناهه قدرتي حسن ۽ سياحتي ماڳن سان نوازيو آهي، انهن مقامن ۾ انفراسٽرڪچر جي تعمير ۽ بنيادي سهولتن جي فراهمي سان صوبي ۾ سياحت کي فروغ حاصل ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن صوابي ۾ راندين ۽ سياحت جي فروغ جي لاءِ ٿيندڙ جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ خ??بر??ختونخوا جي اسپورٽس جي ڊائريڪٽر جنرل، ڪي پي ڪي جي سياحت جي ايم ڊي ?? ڊپٽي ??مشنر صوابي سميت لاڳاپيل کاتن جي سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي.