اسلام آباد – 28 اپريل (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته ملڪي ترقي جي لاءِ تعليم جي بنيادي حيثيت آهي ان جي لاءِ ملڪ ۾ تعليم جي معيار کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ٺوس ڪوششن ۽ ڀ??پو?? طريقي سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر اها ڳالهه قائداعظم يونيورسٽي جي وائيس ??انسلر ڊاڪٽر جاويد اشرف ۽ ڪامسيٽس انسٽيٽيوٽ آف انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ريڪٽر ڊاڪٽر سيد محمد جنيد زيدي سان ڳالهائيندي چئي جن ساڻس ايوا?? صدر ۾ ڌار ڌار ملاقات ڪئي.