عالمي اسلامي يونيورسٽي رياست جي وڏي مدد ڪئي آهي: صدر

image
APP44-12 ISLAMABAD: April 12 - President Mamnoon Hussain chairing 13th meeting of the Board of Trustees of International Islamic University at the Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 12 اپريل (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته عالمي اسلامي يونيورسٽي ملڪ کي درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي سلسلي ۾ دانشوراڻي سطح تي رياست جي وڏي مدد ڪئي آهي، انتهاپسندي جي سببن کي سمجهڻ ۽ انهن کي منهن ڏيڻ جي سلسلي ۾ ان يونيورسٽي جي اهتمام هيٺ عالمن سڳورن جي فتويٰ ”پيغام پاڪستان“ انتهائي اهميت رکندڙ آهي جيڪا پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ عالمن جي طرفان ايندڙ اهم ترين دستاويز آهي. هن اها ڳالهه ايوان صدر ۾ عالمي اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد جو بورڊ آف ٽرسٽيز جي 13 هين اجلاس جي صدارت ڪندي چئي.

مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا انعام