هري پور – 17 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ کي ت??قي يافته بڻائڻ جي لاءِ قائداعظم جي ويزن ۽ علامه اقبال جي خواب جي عملي تعبير جي لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ملڪي ت??قي جي لاءِ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ??ي شعبي ۾ اڳتي وڌڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، خصوصي اقتصادي زون سان ملڪي معيشت کي فروغ ملندو، نوجوان اسان جو اثاثو آهن، اسان جي ڪوشش هوندي ته وڌيڪ وسيلا تعليم جي بهتري تي لڳايون. اهڙن خيالن جو اظهار هن هري پور ۾ پاڪ آسٽريا فيڪوچ شول انسٽيٽيوٽ آف ا??لا??يڊ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته انسان جو ڪم ڪوشش ڪرڻ آهي، ??اميابي الله جي ذات ڏيندي اهي، اسان ۾ هر شعبي ۾ اڳتي وڌڻ جي صلاحيت آهي اسان کي پنهنجي سوچ بهتر ڪرڻي پوندي آهي، هن چيو ته ملڪ کي ت??قي يافته بنائڻ جي لاءِ قائداعظم جي ويزن ۽ علامه اقبال جي خواب جي عملي تعبير جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته اسان کي پنهنجي ذهنن کي آزاد ڪندي ت??قي جو رستو اختيار ڪرڻو آهي، وزيراعظم چيو ته ملڪي ت??قي جي لاءِ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ??ي شعبي ۾ اڳتي وڌڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.