اسلام آباد – 18 فيبروري (اي ??ي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري اڪبر حسين دراني چيو آهي ته ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي ??ي پي) ميڊيا جي ميدان ۾ هڪ اهم رياستي ادارو آهي، هو تيزي سان اڀرندڙ ڊيجيٽل ميڊيا ماح??ل جي چئلينجن کي موثر انداز ۾ منهن ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي خبرن کي جامع بڻائڻ ۽ نوان رجحان متعارف ڪرائڻ سان گڏوگڏ جديد مهارتن کي استعمال ۾ آڻي. هو قومي خابرو اداري اي ??ي پي جي دوري جي موقعي تي ڳالهائي رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري کي ميڊيا هائوسز جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ اي ??ي پي جي خبرن جي مواد ۽ معيار ۾ بهتري ۽ جديد ??ور جي گهرجن موجب متعارف ڪرائي ويندڙ نئين خ??متن جي حوالي سان قدمن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.