وزيراعظم وفاقي ڪابينا کي آپريشن عزم استحڪام جي حوالي سان اعتماد ۾ ورتو، آپريشن عزم استحڪام جو مقصد دهشتگردن جي باقيات، ڏوهن ۽ دهشتگرد ڳٺ جوڙ ۽ ملڪ ۾ پرتشدد انتهاپسندي کي فيصلائتي طور تي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

image

اسلام آباد – 25 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف وفاقي ڪابينا کي آپريشن عزم استحڪام جي حوالي سان اعتماد ۾ وٺندي چيو آهي ته آپريشن عزم استحڪام جو مقصد دهشتگردن جي باقيات، ڏوهن ۽ دهشتگرد ڳٺ جوڙ ۽ ملڪ ۾ پرتشدد انتهاپسندي کي فيصلائتي طور تي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ آهي، ننڍي ۽ وچولي پئماني جي صنعت کي ترقي ڏئي ملڪي روانگي واپار ۾ اضافو ڪنداسين، اشرافيه ۽ ملڪي وسيلن جو استحصال ڪندڙن جي مراعتن کي ختم ڪيو ويندو، جڏهن ته وفاقي ڪابينا کنڊ جو اضافي ذخيرو برآمد ڪرڻ، واپار واري وزارت جي سفارش ۽ گڏيل قومن جي افغانستان بابت عالمي غذائي پروگرام جي گذارش تي ٽرڪن جي پرزن تي ٻڌل هڪ ڪنٽينر جي حد تائين ڪراچي کان ڪابل ٽرانزٽ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، پي آءِ اي جي بڊنگ آگسٽ جي پهرين هفتي ۾ ٿيندي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته عام ماڻهو جي قابل تجديد شمسي توانائي تائين پهچ يقيني بڻائڻ جي لاءِ سولر پينلز تي ڪنهن به قسم جي نئين ڊيوٽي نه لڳائي ويندي. وزيراعظم چيو ته گهٽ لاڳت قابل تجديد شمسي توانائي هر شهري تائين پهچائينداسين، معيشت کي مثبت رخ تي گامزن ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور منصوبابندي ڪري رهيا آهيون، الله جي فضل ۽ ڪرم سان ملڪ معاشي استحڪام طرف تيزي سان وڌي رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته ننڍي ۽ وچولي پئماني جي صنعت کي ترقي ڏئي ملڪي روانگي واپار ۾ اضافو ڪنداسين، اشرافيه ۽ ملڪي وسيلن جو استحصال ڪندڙن جي مراعتن کي ختم ڪيو ويندو، عام ماڻهو جي معاشي تحفظ ۽ ان کي هڪ جهڙي ترقي جا موقعا فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. ڪابينا اجلاس ۾ وزيراعظم ويزن عزم استحڪام جي حوالي سان گردش ڪندڙ غلط فهمين ۽ قياس آرائين جي حوالي سان ميمبرن کي اعتماد ۾ وٺندي چيو ته عزم استحڪام هڪ گهڻ رخي، مختلف سيڪيورٽي ادارن جي تعاون ۽ پوري رياستي نظام جو مجموعي قومي ويزن آهي، ان مقصد جي لاءِ ڪنهن نئين ۽ منظم هٿياربند آپريشن بدران اڳ کان جاري انٽيلي جنس جي بنياد تي ڪاررواين کي وڌيڪ تيز ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته وڏي پئماني تي هٿياربند آپريشن جنهن جي نتيجي ۾ لڏپلاڻ جي ضرورت هجي، ويزن عزم استحڪام تحت اهڙي ڪنهن آپريشن جي شروعات رڳو غلط فهمي آهي، عزم استحڪام جو مقصد دهشتگردن جي باقيات، ڏوهن ۽ دهشتگرد ڳٺ جوڙ ۽ ملڪ ۾ پرتشدد انتهاپسندي کي فيصلائتي طور تي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ آهي، بجيٽ 25 – 2024ع تي بحث دوران وزير پارليامينٽ ۾ پنهنجي حاضري يقيني بڻائين. اجلاس کي رياستي ادارن جي نجڪاري خاص طور تي پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز جي نجڪاري تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پي آءِ اي جي نجڪاري جو عمل تيزي سان جاري آهي، پري بڊنگ جي عمل ۾ دلچسپي جو اظهار ڪندڙ ڪمپنيون پي آءِ اي جي مختلف سائٽس جو دورو ڪري رهيون آهن. پي آءِ اي جي بڊنگ آگسٽ جي پهرين هفتي ۾ ٿيندي. وزيراعظم پي آءِ اي جي نجڪاري جي عمل کي تيز ڪرڻ ۽ ان ۾ شفافيت جي عنصر کي اهميت ڏيڻ جي هدايت ڪئي. وفاقي ڪابينا واپار واري وزارت جي سفارش ۽ گڏيل قومن جي افغانستان بابت عالمي غذائي تحفظ جي گذارش تي ٽرڪن جي پرزن تي ٻڌل هڪ ڪنٽينر جي ڪراچي کان ڪابل ٽرانزٽ جي اجازت ڏئي ڇڏي. اها خصوصي اجازت پاڪستان حڪومت پاران رڳو هڪ ڀيرو انساني همدرديءَ جي بنياد تي ڏني وئي آهي. وفاقي ڪابينا مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي ڊويزن جي سفارش تي مذهبي معاملن واري وزارت، پاڪستان حڪومت ۽ اسلامي معاملن، دعوت ۽ رهنمائي واري سعودي عرب جي وزارت جي وچ ۾ مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي حڪومت رياستي ۽ سرحدي علائقن جي ڊويزن جي سفارش تي ۽ سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي روشني ۾ بهاولپور جي امير (مرحوم) جي غيرمنقوله جائيداد جي لاءِ قائم عملدرآمد ڪميٽي جي مدي ۾ مارچ 2025ع تائين توسيع ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا ڪابينا ڊويزن جي سفارش تي فريڪوئنسي ايلوڪيشن بورڊ (ايف اي بي) جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا کي اقتصادي رابطا ڪميٽي جي کنڊ جي برآمد جي فيصلي بابت آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ هن وقت کنڊ جا وڏا ذخيرا موجود آهن ۽ ان حوالي سان شگر ايڊوائيزري بورڊ ۽ لاڳاپيل ادارن پيڙهائي جي ايندڙ مُند شروع ٿيڻ کان اڳ جي کپت ۽ اضافي کنڊ جي ذخيرن جو ڪاٿو لڳائي باقي پيل گهٽ مقدار ۾ کنڊ جي برآمد جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم ان موقعي تي واضح هدايت ڪئي ته کنڊ جي قيمت ۾ ڪنهن به قسم جي اضافي جي قطعي طور تي اجازت نه ڏني ويندي. ان کانسواءِ وزيراعظم ان حوالي سان هڪ ڪابينا ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪئي جيڪا کنڊ جي قيمت تي نظر رکندي ۽ جيڪڏهن کنڊ جي قيمت ۾ ڪنهن به قسم جي اضافي جو انديشو ٿيو ته ان جي وڌيڪ برآمد کي روڪيو ويندو. وفاقي ڪابينا ڪابينا ڊويزن جي سفارش تي منصوبابندي ڊويزن واري وزارت جي تيار ڪيل قومي اقتصادي ڪائونسل (اين اي سي) جي سالياني رپورٽ سال 23 – 2022ع کي پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 13 جون 2024ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي. وفاقي ڪابينا ليجسٽو ڪيسز بابت ڪابينا ڪميٽي جي 11 جون 2024ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي پڻ توثيق ڪري ڇڏي. وفاقي ڪابينا سرڪاري ملڪيتي اداري بابت ڪابينا ڪميٽي جي 20 جون 2024ع تي ٿيندڙ اجلاسن ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي.

مضمون کا ماخذ : فنکی پھل
سلاٹس پر مفت اسپن کو کیسے متحرک کریں۔_سلاٹ بونس گیمز_علامتیں_آٹو پلے سلاٹ گیمز_فون سلاٹ گیمز کے ذریعے ادائیگی کریں۔ سلاٹ گیمز کے ساتھ کیسینو_آن لائن کیسینو سلاٹ مشینیں۔_عملی پلے سلاٹس_آٹو پلے سلاٹ گیمز_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں بہترین فطرت پر مبنی سلاٹس_سلاٹ مشین ایپس_Novomatic Slot Machines_افسانوی مخلوق سلاٹ مشینیں_سلاٹ مشین کے جائزے اور درجہ بندی پاکستان کے لیے ٹاپ اردو سلاٹ ایپس_آٹو پلے کی خصوصیات کے ساتھ بہترین سلاٹس_سب سے بڑے سلاٹ جیک پاٹس_مائیکرو گیمنگ سلاٹس_ویڈیو سلاٹس پر جیتنے کا طریقہ NetEnt Slot Games_iOS آلات پر سلاٹ گیمز کھیلیں_فوری جیت کے ساتھ سلاٹس_بونس راؤنڈ کے ساتھ سلاٹ مشین_سلاٹ گیمز اسلام آباد میں مقبول ہیں۔ نیٹلر سلاٹس_پاکستان میں موبائل کے لیے مفت سلاٹ گیمز_پاکستان کے لیے آن لائن سلاٹس_گولیاں کے لیے مفت سلاٹ گیمز_ٹاپ ریٹیڈ سلاٹ ایپس بڑے جیک پاٹس کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_فوری کھیلنے کے اختیارات کے ساتھ سلاٹ گیمز_اردو میں کیسینو سلاٹس_پاکستانی کھلاڑیوں کے لیے آن لائن سلاٹ ٹورنامنٹ_ٹاپ سلاٹ گیم فورمز ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پلےٹیک سلاٹس_سلاٹ مشین_سلاٹ مشین کی ادائیگیوں کو محفوظ بنائیں_آئی فون پر سلاٹ گیمز ہائی لمیٹ سلاٹ مشینیں۔_سمندری ڈاکو سلاٹ مشینیں۔_فوری جیت سلاٹ مشینیں_کیسینو سلاٹ گیمز فیڈ بیک_ایک سے زیادہ بونس راؤنڈ کے ساتھ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس