پاڪستان ۾ جلد نمايان تبديلي ۽ سيڙپڪار دوست ڪلچر ڏسڻ ۾ ايندو: وزيراعظم

image
APP89-13 ISLAMABAD: December 13 - Prime Minister Imran Khan addressing at Pakistan Economic Forum organised by the Pakistan Business Council. APP

اسلام آباد – 13 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪاروباري برادري کي خاطري ڪرائي آهي ته پاڪستان ۾ ايندڙ ڏينهن ۾ نمايان تبديلي ۽ سيڙپڪار دوست ڪلچر ڏسڻ ۾ ايندو، غربت جي خاتمي ۽ پاڻ تي ڀاڙڻ جي لاءِ ڪاروبار ۾ آساني پيدا ڪرڻ ۽ سيڙپڪاري جي فروغ جي ضرورت آهي، منهنجو ويزن آهي ته ملڪ پاڻ ڀرو ٿئي ۽ غربت جو خاتمو ٿئي، جائز طريقي سان پئسو ڪمائڻ ۾ ڪابه برائي نه آهي، سيڙپڪاري سان ئي ملڪ ترقي ڪندا آهن، موجوده حڪومت غربت جي خاتمي لاءِ جامع پروگرام تي عمل پيرا آهي، هو وزيراعظم آفيس ۾ پاڪستان بزنس ڪائونسل جي اهتمام هيٺ پاڪستان اڪنامڪ فورم کي خطاب ڪري رهيو هو.

مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعدادوشمار