اسلام آباد – 13 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ??لوي چيو آهي ته پاڪستان سمورن دوست ملڪن سان گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏ??ڻ ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ ڪوشان آهي، ايوان صدر پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف ??لوي برازيل، ڊينمارڪ، سوئيڊن، يونان، هنگري ۽ يوڪرائن جي نامزد سفيرن سان ڳالهائي رهيو هو، جنهن کيس هڪ تقريب ۾ پنهنجون سندون پيـش ڪيون. صدر ڊاڪٽر عارف ??لوي سفيرن کي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ ا??يد ظاهر ڪئي ته نامزد سفير گڏيل معاشي، سياسي، ثقافتي ۽ سفارتي لاڳاپن سميت سمورن شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندا.