اسلام آباد – 07 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت ۾ پاڪ – افغان فرينڊشپ گروپ ج?? ايگزيڪيٽو ڪميٽي جو اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو، اجلاس ۾ ٻه طرفي واپار ۾ تازن مهينن ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ پارليامينٽ جي ميمبرن، وزيراعظم جي خاص مددگار ارباب شهزاد، پاڪستان ۽ افغانستان جي خصو??ي ايلچي صادق خان، پرڏيهي و??ار??، واپار، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي، ميري ٽائيم افيئر، ايف بي آر، ڪسٽم ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اسپيڪر تازن مهينن ۾ پاڪ – افغان واپار ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي ??ي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ٻه طرفي واپاري ماپي ۾ وڌيڪ اضافي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کنيا وڃن.