اسلام آباد – 18 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت توانائي خاص ط??ر تي بجلي جي شعبي ۾ سڌارن جي عمل جي جلد تڪميل يقيني بڻائيندي عوام ??ي سستي ۽ بنا رنڊڪ جي بجلي جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻيندي. هو هتي عوام ??ي سستي ۽ بنا رنڊڪ جي بجلي جي فراهمي جي حوالي سان جاري سڌارن جي عمل جي جائزي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو، اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وزير سينيٽر شبلي فرا??، منصوبابندي وارو وزير اسد عمر، توانائي وارو وزير عمر ايوب، خاص مددگار نديم بابر ۽ سينئر آفيسر شري?? هئا.