اسلام آباد – 17 سيپٽمبر (اي پي پي) سماجي تحفظ ۽ غربت جي خاتمي بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر چي?? آهي ته احساس ايمرجنسي ڪيش ادائيگي جي آخري 15 ڏينهن بايوميٽرڪ تصديق ۾ ناڪامي کي منهن ڏيندڙ صارفين جي سهولت لاءِ نئون ويب پورٽل کوليو ويو آهي، پنهنجي وڊيو بيان ۾ ڊاڪٽر ثانيه نشتر چي?? ته ??هي صارفين احساس ويب پورٽل جي لنڪ http://complaints.pass.gov.pk/ کي وزٽ ڪري سگ??ن ٿا، احساس ايمرجنسي ڪيش تحت ريگولر ادائيگيون 15 سيپٽمبر 2020ع تي بند ٿي چڪيون آهن، ??هي اصل صارف جنهن جي آڱرين جي نشانن جي تصديق جا مسئلا آهن انهن کي ڪيش ادائيگيون 30 سيپٽمبر 2020ع تائين جاري رهنديون، ??هي مستحق خاندان جنهن ۾ امدادي رقم جا اهل ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، انهن کي به ڪيش ادائيگيون 30 سيپٽمبر 2020ع تائين جاري رهنديون.