ڪراچي – 02 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو ??هي ته اي??منسٽريٽر ڪراچي جي مقرري جو فيصلو ڪاميٽي ڪندي، ڪاميٽي جي سربراهي وفاقي وزير اسد عمر ڪري رهيو ??هي. برساتن سبب سڄي سنڌ تباهه ٿي آهي پر مي??يا جو ڌيان ڪراچي تي گهڻو رهيو، صوبي ۾ بنيادي ڍانچي کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ ڪم ڪرڻ ضروري آهي. اهڙو اظهار هن پنهنجي بدين جي دوري جي موقعي تي مي??يا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. هڪ سوال جي جواب ۾ سنڌ جي گورنر چيو ??ه اي??منسٽريٽر ڪراچي جي مقرري جو فيصلو ڪاميٽي ڪندي، ڪاميٽي جي سربراهي وفاقي وزير اسد عمر ڪري رهيو ??هي. سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل اربع ڏينهن گورنر پنجاب چوڌري سرور سان گڏ بدين ضلعي جي برسات سٽيل علائقن جو دورو ڪيو. ان موقعي تي ساڻس گڏ صوبائي اسيمبلي جو ميمبر جمال صديقي، بيرسٽر حس??ين مرزا، سنڌ جي گورنر جو مشير علي جوڻيجو، اخوت فائونڊيشن جو سربراهه ڊاڪٽر امجد ثاقب به پڻ موجود هئا.