اسلام ??با?? – 10 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان پنجاب جي صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد م??اقات ڪئي. ملاقات ۾ پنجاب صوبي ۾ صحت انصاف ڪارڊ ورهائڻ جي حوالي سان اڳڀرائي ۽ هيلٿ ڪارڊ ذريعي صحت جي سهولتن بابت عوامي ردعمل تي ??ال??ه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب پنجاب جي صحت واري صوبائي وز??ر ٻڌايو ته عوام پاران صحت انصاف ڪارڊ جي حوالي سان انتهائي حوصلي جوڳو ردعمل سامهون آيو آهي. صحت انصاف ڪارڊ جي ڪري مستحق ماڻهن ۽ انهن جي خاندانن کي صحت جي حوالي خان خاطرخواهه رليف مليو آهي. وزيراعظم عوام جي مثبت ردعمل تي اطمينان جو اظهار ڪندي هدايت ڪئي ته صحت انصاف ڪارڊ ذريعي معياري صحت جي سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي.