اسلام آباد – 29 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان قيمتي گهڻ رخي ثقافتي ورثي جو مالڪ آ??ي ۽ سڄي ملڪ ۾ گنڌارا تهذيب جي ورثي جا ڪيترائي آثار موجود آهن، حڪومت مذهبي زائر??ن ۽ سياحن کي هر ممڪن سهولتون ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي، هو ٿائي لينڊ جي ٻڌ مذهبي اڳواڻ آريا وانگسو سان ڳالهيون ڪري ر??يو هو جنهن 15 رڪني وفد سان گڏ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.