اسلام آباد – 20 ڊسمبر (اي پي پي) خ??بر??ختونخوا مان سينيٽ جي خالي سيٽ تي ضمني اليڪشن ۾ تحريڪ انصاف جو اميدوار شوڪت ترين وڏي اڪثري?? سان ڪامياب ٿي ويو، 145 جي ايوان ۾ ناڻي وارو صلاحڪار شوڪت ترين 87 ووٽ کڻي سينيٽر چونڊجي ويو، اي اين پي جي شوڪت ا??يرزاده ۽ جمعيت علماءُ اسلام جي اميدوار ظاهر شاهه 13، 13 ووٽ حاصل ڪيا 9 ووٽ رد ڪيا ويا تحريڪ انصاف ايوب آفريدي جي سينيٽ جي سيٽ تان مستعفي ٿيڻ تي شوڪت ترين کي ٽڪيٽ ڏنو هو جڏهن ته اي اين پي جو شوڪت ا??يرزاده، پي پي جو محمد سعيد ۽ جي يو آءِ ف جو ظاهر شاهه ناڻي واري صلاحڪار جي سامهون مقابلي ۾ هئا، خ??بر??ختونخوا جي اطلاعات واري خاص مددگار بئريسٽر محمد علي سيف سينيٽ ضمني اليڪشن ۾ ڪاميابي تي شوڪت ترين کي مبارڪباد ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته شوڪت ترين وڏي اڪثري?? سان کٽڻ عمران خان جي پاليسين جي فتح آهي، وڏي وزير محمود خان جي قياد?? ۾ ??وبائي حڪومت هر مقابلي ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، شوڪت ترين ملڪي ترقي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو.