اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم ??مران خان سان ملائيشيا جي پرڏيهي وزير داتوسري سيف الدين عبدالله ملاقات ڪئي. وزيراعظم ??فيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان مو??ب وزيراعظم ??مران خان اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غي??معمولي اجلاس ۾ شرڪت تي ملائيشيا جا ٿورا مڃيندي اسلامي تعاون تنظيم ۾ ان جي مو??ر ڪردار ۽ افغانستان ۾ انساني بنيادن تي امداد ۽ امن سازي جي لاءِ ڪوششن کي ساراهيو آهي. وزيراعظم ??مران خان چيو ته پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ علائقائي ۽ عالمي سطح تي تعاون ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل مضبوط تاريخي لاڳاپا آهن، پاڪستان معاشي تعاون ۾ اضافي، سياحت، دفاع ۽ عوامي سطح تي رابطن جي ڏس ۾ تعاون کي مستحڪم بڻائڻ ذريعي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ملائيشيا جي پرڏيهي وزير داتوسري سيف الدين عبدالله افغانستان بابت اسلامي تعاون تنظيم جو غي??معمولي اجلاس گهرائڻ کي افغانستان جي عوام کي انساني بحران کان بچائڻ جي لاءِ وقت سر قدم قرار ڏيندي ساراهيو. هن افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ پاڪستان جي تعميري ڪردار کي ساراهيو. هن پاڪستان اچڻ تي پنهنجي شاندار استقبال ۽ ميزباني تي وزيراعظم ??مران خان ۽ پاڪستاني عوام جا ٿورا مڃيا.