اسلام آباد – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته فارن فنڊنگ جي حوالي س??ن مريم صفدر ۽ بلاول زرداري کي تلاشي ڏيڻي پوندي، اهي جوتا لاهي ڀڄڻ جي تياري ۾ آهن، هن ڀيري کين ڀڄڻ نه ڏينداسين، اصل ڪهاڻي اڪ??ئونٽس جي جاچ پڙتال کانپوءِ سام??ون اچڻي آهي ته ڪيئن پارٽي اڪ??ئونٽس کي مني لانڊرنگ جي لاءِ استعمال ڪيو ويو، پارٽي اڪ??ئونٽس ۾ به پاپڙ ۽ فالودي وارا ڪردار سام??ون ايندا، پي ٽي آءِ اسڪروٽني ڪميٽي جي س??م??ون پنهنجو مڪمل رڪارڊ پيش ڪيو، اي سي پي کي 40 هزار عطيات ڏيندڙن جو رڪارڊ ۽ 16 واليم پيش ڪيا آهن، اليڪشن ڪميشن کان مطالبو آهي ته جي يو آءِ سميت سمورين پارٽين کان اڪ??ئونٽس جو حساب وٺي، فضل الرحمان اڄ تائين پارٽي اڪ??ئونٽس جو حساب ناهي ڏنو. هو اليڪشن ڪميشن جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته مريم صفدر ۽ بلاول زرداري نه قانون کي مڃين ٿا ۽ نه ئي آئين کي، ادارا انهن جي خلاف ڪارروائي ڪن ته اهي حملا آور ٿيندا آهن، تاريخ گواهه آهي ته اهي ماڻهو سپريم ڪورٽ، نيب تي حملا آور ٿيا، ججز جي خلاف تنقيد انهن جي عادت آهي، هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جي اسڪروٽني ڪميٽي هڪ ذيلي ڪميٽي قائم ڪئي آهي جنهن جو 25 آڪٽوبر تي اجلاس ٿيندو، اسان جي فنانشل ايڪسپرٽ ۽ چارٽرڊ اڪ??ئونٽنٽ 8 ڏينهن پيپلزپارٽي ۽ پوءِ 8 ڏينهن ن ليگ جي اڪ??ئونٽس جي جاچ پڙتال ڪندا، روزاني جي بنياد تي جاچ پڙتال جي اپ ڊيٽ قوم جي س??م??ون رکنداسين. هن چيو ته مريم صفدر کي چئلينج آهي ته هاڻي کيس راهه فرار اختيار ڪرڻ نه ڏينداسين، مريم جسٽس رٽائرڊ قيوم جي فون واري انصاف جي منتظر آهي، جڏهن به کائنس سوال ٿيندو آهي ته روئڻ پٽڻ شروع ڪري ڇڏيندي آهي، قوم سوال ڪري رهي آهي ته انهن جي اڪ??ئونٽس ۾ پئسا جمع ڪرائيندڙ ڪهڙا فرشتا آهن، 4 سال کان انهن ڪروڙين روپيا موڪليندڙن جا نالا ناهن ٻڌايا. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته پي ٽي آءِ فارن فنڊنگ ڪيس جي پيروي ڀرپور طريقي س??ن جاري رکندي. مريم ۽ بلاول پنهنجون رسيدون ڏين، ٻيهر قطري خط يا جعلي ٽرسٽ ڊيڊ نه کڻي اچن، اصل ڪهاڻي اڪ??ئونٽس جي جاچ پڙتال کانپوءِ سام??ون اچڻي آهي ته ڪيئن پارٽي اڪ??ئونٽس کي مني لانڊرنگ جي لاءِ استعمال ڪيو ويو. پارٽي اڪ??ئونٽس ۾ به پاپڙ وارن ۽ فالودي وارن جا ڪردار سام??ون ايندا. هن چيو ته پي ٽي آءِ واحد سياسي پارٽي آهي جنهن پوليٽڪل فنڊ ريزنگ متعارف ڪرايو، ٻنهي پارٽين کي مشورو آهي ته رسيدون نه لڪايو ان کانسواءِ ڪو به رستو نه آهي. هن چيو ته اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي اسڪروٽني ڪميٽي ۾ پيش ڪيل رڪارڊ موجب ٻنهي پارٽين جا اڪ??ئونٽس سام??ون آيا آهن جيڪي گوشوارن ۾ ظاهر ناهن، پارٽي فنڊ ڪهڙي طرح استعمال ٿيا ان جو فيصلو اليڪشن ڪميشن کي ڪرڻو آهي، هن چيو ته ن ليگ ۽ پ پ پ آمريڪا ۽ برطانيه ۾ لميٽيڊ ڪمپنين جي طور تي رجسٽرڊ آهن.