اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (ا?? پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم ??اهه محمود قريشي سان ڊينمارڪ ۾ مقر?? پاڪستان جي سفير احمد فاروق پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پاڪستان ۽ ڊينمارڪ جي وچ ۾ لاڳاپن جي استحڪام ۽ ڊگهي مدي واري شعبن ۾ ٻ??رف?? تعاون جي فروغ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ڊينمارڪ سان گڏ ٻ??رف?? لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. هن چيو ته ڊينمارڪ جي پرڏيهي وزير زپي ڪوفوڪا تازو پاڪستان جي دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي رابطن جي فروغ جو مظهر آهي، پاڪستان ڊينمارڪ سان اقتصادي سفارتڪاري کي استعمال ۾ آڻيندي واپار، سرمائي سميت گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻ??رف?? تعاون کي وڌائڻ جو خواهشمند آهي. پرڏيهي وزي?? پاڪستان ۽ ڊينمارڪ جي وچ م ٻ??رف?? تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي حوالي سان پاڪستان جي سفير احمد فاروق جي خدمتن کي ساراهيو، سفير احمد فاروق پرڏيهي وزير جو ٿورو ادا ڪندي پاڪستان ۽ ڊينمارڪ جي وچ ۾ ٻ??رف?? لاڳاپن جي استحڪام لاءِ پنهنجي سڀني توانائين کي استعمال ۾ آڻڻ جي خاطري ڪرائي.