اسلام آباد – 03 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڪامياب پاڪستان پروگرام جي افتتاح جي تياري مڪمل ڪئي وئي آهي. وزيراعظم عمران خان اڄ سومر ڏينهن 4 آڪٽوبر 2021ع تي ڪامياب پاڪستان پروگرام جو افتتاح ڪندو. ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين پنهنجي هڪ بيان ۾ چي?? آهي ته ڪامياب پاڪستان پنهنجي نوعيت جو منفرد پروگرام آهي جنهن تحت 37 لک خاندانن کي 14 سئو ارب رپين جا قرض ڏنا ويندا. هن چي?? ته ڪامياب پاڪستان پروگرام ملڪ ۾ غربت جي خاتمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. اهو پروگرام معاشري جي محروم طبقن جون زندگيون بدلائڻ ۽ انهن کي مالي لحاظ کان بااختيار بڻائڻ جي ل??ءِ جوڙيو ويو آهي. ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين وڌيڪ چي?? ته اهو پروگرام يقيني طور تي پاڪستان ۾ پنهنجي طرز جو پهريون پروگرام آهي جنهن تحت مائيڪرو فنانس ادارن جي ذريع?? بئنڪن ۽ گهٽ آمدني وارن طبقن کي پاڻ ۾ ڳنڍڻ ۾ مدد ملندي. ناڻي واري وزير چي?? ته ڪامياب پاڪستان پروگرام غريب ۽ ڪمزور طبقن جي حوالي سان رياست جي احساس جي ذميواري جي عملي تعبير آهي. هن چي?? ته ڪامياب پاڪستان پروگرام جا 5 عنصر آهن. جن ۾ ڪامياب آبادگار جي ذريعي آبادگارن کي بنا وياج جي قرض جي فراهمي کانسو??ءِ ڪاروبار جي ل??ءِ 5 لک تائين بنا وياج جي قرض ڏنا ويندا. اهڙي طرح سستو گهر اسڪيم تحت پنهنجو گهر ٺاهڻ جي ل??ءِ آسان قسطن تي فنانس??گ جي سهولت حاصل ٿيندي جڏهن ته پروگرام تحت وفاقي حڪومت جي اسڪلڊ بيسڊ اسڪالرشپ اسڪيم ۽ صحت انصاف ڪارڊ کي پڻ ڪامياب پاڪستان پروگرام سان ڳنڍيو ويندو.