اسلام آباد – 10 – سيپٽمبر (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي مجموعي ۽ برابر معاشري جي جوڙجڪ جي لاءِ اسلام جي تصور موجب عورتن ج?? ملڪيت جي ح??ن جي تحفظ ۽ فراهمي جي لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ماڻهن کي عورتن جي ح??ن بابت آگاهه ڪرڻ جي لاءِ آگاهي مهم جي لاءِ عالم سڳورا ۽ ميڊيا ??نهنجو ڪردار ادا ڪري، عورتن کي ح??يقي طور تي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ مالي شموليت انتهائي اهميت رکندڙ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان ??در ۾ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي ح??الي سان هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير عمر ايوب خان، قانون ۽ انصاف واري پارلياماني سيڪريٽر?? مليڪه بخاري ۽ حڪومت جي اعليٰ عملدارن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. عورتن ج?? ملڪيتن جي ح??ن جي قانون 2020ع کي لاڳو ڪرڻ جو حوالو ڏيندي ??در قانونسازي جي ان قدم کي عورتن کي انهن جا حق ڏيڻ ۾ هڪ مثبت قدم قرار ڏنو ۽ سمورن صوبن ۾ هڪ جهڙن قانونن جي ضرورت تي زور ڏنو. اجلاس کي خطاب ڪندي ??در چيو ته انفورسمينٽ آف وومين پراپرٽي رائٽس ايڪٽ 2020ع هڪ موثر ۽ تيزي سان شڪايت جي ازالي جو طريقيڪار پيش ڪيو آهي جنهن تحت ڪا به عورت جيڪا جائيداد ج?? ملڪيت يا ??نهنجي جائيداد جي قبضي کان محروم آهي اها محتسب کي اپيل داخل ڪري سگهي ٿي. هن عورتن جي جائيداد جي مسئلن کي ح?? ڪرڻ جي لاءِ متبادل تڪرارن جي ح?? جي طريقيڪار کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. ??در عورتن کي بااختيار بڻائڻ بابت منصوبن کي اسٽريم لائين ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته عورتن کي ح??يقي طور تي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ مالي شموليت انتهائي اهميت رکندڙ آهي ۽ انهن کي احساس پروگرام ۽ استيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي ذريعي دستياب قرضن ۽ ٻين سهولتن بابت آگاهي ڏيڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي عمر ايوب خان ??در کي عالمي بئنڪ، ايشيائي ترقياتي بئنڪ ۽ مختلف ملڪن پاران پاڪستان کي عورتن جي لاءِ ڏني ويندڙ گهڻ رخي ۽ ٻطرفن فنڊز ۽ قرضن بابت آگاهه ڪيو. ??در ان سلسلي ۾ عالمي ادارن ۽ ملڪن پاران مالي معاونت کي ساراهيو.