اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ ح??يب چيو آهي ته پاڪستان ۾ سمورا ادارا خودمختيار ۽ آئين موجب ڪم ڪري رهيا آهن، شهباز شريف جيڪڏهن سچو آهي ته پاڻ کي ني?? جي سامهون پيش ڪرڻ کان ڇو ڊڄي رهيو ??هي?? جيڪڏهن شهباز شريف سچو ته پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪري. مريم اورنگزيب جي بيان تي رد عمل ڏيندي هن چيو ته شريف خاندان ادارن تي دٻاءُ و??هڻ، مني لانڊرنگ ۽ ڪرپشن جا نوان داستان لکيا آهن. مملڪتي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان سدائين آئين جي بالادستي ۽ طاقتور ۽ ڪمزور لاءِ هڪجهڙي قانون ??ي ڳالهه ڪئي آهي. عمران خان جڏهن اقتدار ۾ نه هو تڏهن به پاڻ کي احتساب لاءِ عدالتن جي سامهون پيش ڪيو. هن چيو ته شريف خاندانن ادارن تي دٻاءُ و??هڻ، مني لانڊرنگ ۽ ڪرپشن جا نوان دستان رقم ڪيا آهن. عمران خان پنهنجي مني ٽريل عدالت جي سامهون ??کي ۽ سپريم ڪورٽ صادق ۽ امين قرار ڏنو. فرخ ح??يب چيو ته ن ليگ صرف پنهنجي ڪرپشن لڪائڻ لاءِ گوڙ ڪري رهي ??هي?? ن ليگ جي دور ۾ ڪرپشن جي بازار گرم هئي، مملڪتي وزير چيو ته جيڪو جيتري ڪرپشن ڪندو هو ان کي ايترو ئي وڏو عهدو ڏنو ويندو هو، وزيراعظم عمران خان ڪرپٽ مافيا سان مهاڏو اٽڪايو ??هي?? مملڪتي وزير فرخ ح??يب وڌيڪ چيو ته مسلم ليگ ن جي دور ۾ ڪيل مهانگن معاهدن جو نتيجو عوام اڄ تائين ڀوڳي رهي آهي.