اسلام آباد – 17 جون (ا?? پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ س?? کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄ?? ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 46 فوتگيون ٿيون جنهن مان 18 فوتگيون وينٽيليٽرز ??ي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄ?? ملڪ ۾ هڪ هزار 118 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 40 سيڪڙو، لاهور ۾ 20 سيڪڙو، پشاور ۾ 18 سيڪڙو ۽ بهاولپور ۾ 28 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان ڪراچي ۾ 26 سيڪڙو، ايب?? آباد ۾ 31 سيڪڙو، ملتان ۾ 25 ۽ گلگت ۾ 30 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 37 هزار 196 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 13 هزار 755، پنجاب ۾ 7 هزار 619، خيبرپختونخواهه ۾ 9 هزار 527، اسلام آباد ۾ 4 هزار 419، بلوچستان ۾ هڪ هزار 30، گلگت بلتستان ۾ 372، آزاد ڪشمير ۾ 474 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄ?? ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 8 لک 87 هزار 95 ٿي چڪو آهي. گگت