دوشنبي-30 مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان افغانستان سان تاريخي ۽ ڀائپيءَ وارن لڳاپن کي خاص اهميت ڏئي ٿو. اهڙو اظهار هن دوشنبي ۾ منعقد نائين هارٽ آف ايشيا استنبول پراسيس اجلاس جي ??وقعي تي افغان هم منصب محمد حنيف آت??ر سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات دوران ٻه طرفن لاڳاپن ۽ افغان امن عمل سميت گ??يل دلچسپيءَ جي ??عاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.