اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ۽ سينيٽر شبلي فراز قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر س??ن ملاقات ڪئي جنهن ۾ وزيراعظم پاران چونڊ سڌارن لاءِ لکيل ??ط تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ??ن موقعي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ڳالهائيندي چيو ته آئيني ۽ چونڊ سڌارا وقت جي اهم ضرورت آهن. پارلياماني ڪميٽي جي جوڙجڪ لاءِ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ پارلياماني اڳواڻن س??ن مشاورت ڪئي ويندي. سينيٽ چونڊن ۾ ٿيل واقعن س??ن ملڪي سياست کي نقصان پهتو آهي.