اسلام آباد – 21 – جنوري (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان تعليم لاءِ ترقياتي بجيٽ وڌائڻ لاءِ تجويزون طلب ڪندي چيو آهي ته قوم جي تقدير بدلائڻ لاءِ جديد علم جي تدريس نهايت ??هم آهي، ان لاءِ عالمي معيار جي ادارن جو قيام بهترين قدم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نالج اڪانومي بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو، اجلاس ۾ منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر، خاص مددگار ڊاڪٽر معيد يوسف، نالج ٽاسڪ فورس جي وائيس چيئرمين ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان ۽ لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان وزي??اع??م کي هري پور هزاره ۾ پاڪستان آسٽرين يونيورسٽي آف اپلائيڊ سائنسز اينڊ انجنيئرن?? جي اڍائي سالن جي رڪارڊ مدي ۾ تڪميل جي حوالي سان آگاهه ڪيو، منصوبي جي منظوري 2018ع ۾ ٿيڻ کانپوءِ ان جي تڪميل ۽ ڪ??اسن جو آغاز سيپٽمبر 2020ع ۾ ٿي چڪو، يونيورسٽي 8 عالمي (3 آسٽرين، 5 چيني) يونيورسٽين سان ڳنڍيل آهي جتي مقامي شاگردن کي اعليٰ تعليمي سهولتون ۽ جديد علم پڙهايو پيو وڃي، ان کانسواءِ وزي??اع??م کي عالمي سطح تي مستقبل ۾ نهايت ??هميت ??کندڙ 12 جديد ٽيڪنالاجيز جي تعليم ۽ ترويج لاءِ حڪمت عملي تي به بريف ڪيو ويو.