اسلام آباد – 25 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان اظهار ر??ءِ جي آزادي تي پڪ?? يقين رکي ٿو، حڪومت طرفان ميڊيا تي ڪنهن به ??سم جو دٻاءُ يا مداخلت هرگز نه آهي، آزادي صحافت ۽ جمهوريت کي هڪٻئي جي ل??ءِ لازم ۽ ملزوم تصور ڪريون ٿا، ميڊيا بابت مسئلن جي حل ۾ شفافيت ۽ ميرٽ يقيني بڻائينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن سي پي اين اي جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وفاقي وزير سان ملاقات ڪئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري اڪبر حسين دراني ۽ پرنسپل انفارميشن آفيسر (پي آءِ او) شاهيره شاهد به ??لاقات ۾ موجود هيون، وفد اطلاعات واري وزير کي ميڊيا جي صنعت کي درپيش مسئلن کان تفصيلي آگاهه ڪيو.