اسلام آباد – 22 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم ع??را?? خان چيو آهي ته گئس جي محدود وسيلن جي ڪري پيدا ٿيندڙ صورتحال خاص طور تي مستقبل تي نظر رک??دي فوري طور تي جامع منصوباب??دي جي ضرورت آهي، گئس بابت معاملن جو تعلق ڪنهن هڪ شعبي يا علائقي سان نه پ?? پوري ملڪ جو معاملو آهي، اهي سمورا معاملا مفادن جي ڪائونسل جي سامهون رکنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن گئس جي شعبي بابت معاملن جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪ??دي ڪيو. اجلاس ۾ ملڪ ۾ گئس جي گهرج ۽ پهچ، گئس انفرااسٽرڪچر، گئس جي شعبي ۾ درپيش مسئلن ۽ مستقبل جي ضرورتن کي نظر ۾ رک??دي لائحه عمل جي حوالي سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، خ??ص معاون نديم بابر ملڪي سطح تي گئس جي پيداوار، ملڪي ضرورتن، درآمد ٿيل گئس جي مقدار، قيمت ۽ مستقبل جي ضرورتن کي نظر ۾ رک??دي گهرج ۽ پهچ جي ڪاٿي تي تفصيلي بريفنگ ڏني، وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪ??دي چيو ته گئس جي شعبي ۾ هڪ طرف وڌندڙ گهريلو ۽ صنعتي شعبي جون ضرورتون ۽ ٻي طرف مقامي طور تي موجود گئس جي محدود ذخيرن سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال خاص طور تي ويجهي مستقبل جي صورتحال کي نظر ۾ رک??دي فوري طور تي جامع منصوباب??دي جي ضرورت آهي.