اسلام آباد – 17 جون (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصاد?? رابطا ڪميٽي پنجاب ۾ مڪڙن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ اوزار خريد ڪرڻ جي ڏس ۾ 100 م??ين رپيا، سول آرمڊ فورسز جي صلا??يت ۾ بهتري جي لاءِ 4.5 ارب رپيا ۽ ڪورونا وائرس جي وبا جي حوالي سان ميڊيا مهم هلائڻ جي لاءِ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي لاءِ 500 م??ين رپين سميت ڪيترين ئي فني ضمني گرانٽس جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اي سي سي پاڪستان مشين ٽول فيڪٽري کي اسٽريٽجڪ پلانز ڊويزن جي حوالي ڪرڻ ۽ ڪورونا وائرس جي وبا جي عرصي ۾ روزگار کي بچائڻ جي لاءِ اسٽيٽ بئنڪ ري فنانس اسڪيم جي رسڪ شيئرنگ ف??سل??ي جي حد ۾ اضافي جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڪابينا جي اقتصاد?? رابطا ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو.