اسلام آباد-05 جون(اي پي پي) وزيراعظم جي پوليٽيڪل ڪميونيڪيشنز بابت خاص م??دگ??ر ڊاڪٽر شهباز گل چيو آهي ته پي ٽي آءِ پهريون ڀيرو هيٺين سطح تي پڻ ??وا??ي نمائندن کي سامهون آڻڻ جو موقعو ڏنو، وزيراعظم پورٽل ۾ 22 لک شڪايتون موصول ٿي چڪيون آهن، آئنده وزيراعظم سٽيزن پورٽل جي ماهوار رپورٽ پيش ڪئي ويندي. هن وقت تائين بي پناهه اهميت جوڳا 28118 شڪايتن جو ازالو نه ٿي سگهيو آهي جن ۾ سڀ کان وڌيڪ شڪايتون سنڌ جي ا??ارن جي باري ۾ آهن، شهباز شريف ماڻهن جي ذاتيات کان بيان باز?? کان پاسو ڪري ۽ پنهنجي ڪرپشن جو حساب ڏي، اسان کي اها به خبر آهي ته شهباز شريف پنهنجي مفرور ڀاءُ نواز شريف جو ضامن آهي. پ پ جي اڪثر سرڪرده اڳواڻ ڪرپشن جي الزامن ۾ ورتل آهن. اهڙن خيالن جو اظهار پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي قومي ا??يمبلي جي ميمبر صداقت عباسي ۽ ڪنول شوزب ساڻس گڏ هئا.