اسلام آباد – 22 مئي (اي پي پي) وزيراعظم جي صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا هڪ ڏينهن ۾ 2603 ڪيسز رپورٽ ۽ 50 فوتگين تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي پوري قوم کي اپيل ??ئي آهي ته لاڪ ڊائون ۾ نرمي دوران رش وارين جاين، شاپنگ مالز ۽ گهرن ۾ ماسڪ جو استعمال لازمي، سماجي فاصلو برقرار رک?? ٻي صورت ۾ صورتحال وڌيڪ بگڙي سگهي ٿي، هي عيد گذريل سمورين عيدن کان مختلف هوندي، عيدالفطر جي موقعي تي گلي نه ملو، سماجي فاصلو برقرار رک??، 50 سالن ??ان وڏي عمر جا ماڻهو گهرن ۾ ئي رهن. هو نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ۾ مي??يا کي بريفنگ ڏئي رهيو هو.