اسلام آباد – پهرين اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪرونا وائرس ج?? خلاف جنگ ڪندڙ ڊاڪٽرن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته حڪومت ۽ پو??ي قوم انهن سان گڏ بيٺل آهي، ڊاڪٽرن جي حفاظت يقيني بڻائڻ جي لاءِ هر م??ڪن قدم کڻنداسين، پاڪستان ۾ اها وبا ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ گهٽ پکڙي ۽ فوتگين جي شرح پڻ تمام گهٽ آهي، ماضي ۾ صحت جي شعبي کي نظرانداز ڪيو ويو جڏهن ته هاڻي سهولتن جي فراهمي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻي رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪنٽونمينٽ جنرل اسپتال راولپنڊي جي افتتاح جي موقع?? تي ڳالهائيندي ڪيو.