اسلام آباد – 24 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڄمون ۽ ڪشمير جو مسئلو گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي موجود پراڻن مسئلن مان هڪ آ??ي، ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام عالمي برادري طرفان خودمختياري وارو حق ڏيارڻ جو واعدو پورو ٿيڻ جي اڄ به منتظر آ??ي، سلامتي ڪائونسل کي پنهنجي قراردادن تي عمل ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجا واعدا پورا ڪرڻ گهرجن. هن اهڙن خيالن جو اظهار گڏيل قوم?? جي عالمي ڏينه?? جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو.