اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) ??گر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته هڪ ٻئي جي عقيدن جي احترام سان ئي پرامن ۽ خوشحال معاشري جي جوڙجڪ ٿي سگهي ٿي، جڙانوالا واقعي جي ذميوارن کي عبرت جو نشانو بڻايو ويندو ته جيئن اه??ن واقعن جو خاتمو ٿي سگهي، انتهاپسندي کي ختم ڪرڻ جي لاءِ سمورن طب??ن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ??گر??ن وزيراعظم سان مسيحي برادري جي وفد ملاقات ڪئي. وفد جڙانوالا سانحي تي وقت سر قدم کڻڻ ۽ جڙانوالا جو دورو ڪرڻ تي ??گر??ن وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. ??گر??ن وزيراعظم چيو ته سموري رياستي مشينري اقليتن جي حقن ۽ تحفظ جي حوالي سان انهن سان گڏ بيٺل آهي، پاڪستان ۾ اقليتن کي سمورا بنيادي حق حاصل آهن. هن چيو ته جڙانوالا واقعي جي ذميوارن کي عبرت جو نشانو بڻايو ويندوت ه جيئن اه??ن واقعن جو خاتمو ٿي سگهي، اقليتي برادري پنهنجا مسئلا ۽ تجويزون حڪومت تائين پهچائي ته جيئن انهن مسئلن جو ممڪن حل ڪري سگهجي اسان جو آئين ذات، نسل ۽ رنگ جي فرق کانسواءِ سمورن شهرين کي ??ما??ي، مذهبي، سياسي ۽ معاشي حق ڏي ٿو. ??گر??ن وزيراعظم چيو ته هڪ ٻئي جي عقيدن جي احترام سان ئي پرامن ۽ خوشحال معاشري جي جوڙجڪ ٿي سگهي ٿي، انتهاپسندي کي ختم ڪرڻ جي لاءِ سمورن طب??ن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته اقليتي برادري پاڪستاني افرادي قوت جو بنيادي حصو آهي جنهن جو پاڪستان جي ترقي ۾ هڪ اهم ڪردار آهي. ??گر??ن وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هڪ ٻئي جي عقيدن جي احترام سان ئي پرامن ۽ خوشحال معاشري جي جوڙجڪ ٿي سگهي ٿي. سندس چوڻ هو ته انتهاپسندي کي ختم ڪرڻ جي لاءِ سمورن طب??ن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. وفد اقليتي برادري سان تعلق رکندڙ خالد جارج جي بطور انساني حقن واري ??گر??ن وفاقي وزير طور مقرري کي خوش آئنده قرار ڏنو. وفد ۾ پنجاب جو انساني حقن وارو اڳوڻو صوبائي وزير اعجاز آگسٽن، قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر آسيه انصر، بشپ اندرياس، بشپ سيموئيل ازرايا، بشپ جوزيف ارشاد، بشپ همفري پيٽرز، پاسٽر هنوڪ حشمت، پاسٽر اوليور ضياءَ شامل هئا. ملاقات ۾ انساني حقن واري ??گر??ن وفاقي وزير خالد جارج ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.