اسلام آباد-06 جولاءِ(اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري مسعود پزشڪيان کي ايران جو صدر چونڊجڻ تي دلي مبارڪون ڏيندي، ان اميد جو اظهار ڪيو آهي، ته سندس قيادت ۾ پاڪ -ايران لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان ??وج?? صدر مملڪت چيو ته پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ ڀائيچاري ??ار?? لاڳاپا آهن. صدر پاڪستان ان اميد جو اظهار به ڪيو ته توهان جي قيادت ۾ پاڪ- ايران لا ڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا ۽ ٻئي ملڪ ??طي جي امن و ??ما?? ۽ خوشحالي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا.