اسلام آباد-29 جون (اي پي پي)وزيراعظم محمد شهباز شريف فوري طور پاڪستان پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ (پي ڊ??لي?? ڊي) کي ختم ??رڻ جو عمل شرو ڪرڻ ۽ ان عمل دوران ملازمن جي مفادن جو تحفظ ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پي ڊليو ڊي تحت جاري منصوبن کي لاڳاپي?? وفاقي ۽ صوبائي ادارن کان مڪمل ڪرايو ويندو، سرڪاري تعمير ۽ مرمت لاءِ عالمي معيار جي نجي ڪمپنين جو خدمتون ورتيون وينديون. ڪالهه وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ پاڪستان پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ کي ختم ??رڻ ۽ ان جي متبادل حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ وفاقي وزيرن محمد اورنگزيب، رياض حسين پيرزاده، احسن اقبال، احد چيمه، پلاننگ ڪميشن جي ڊپٽي چيئرمين جهانزيب خان ۽ لاڳاپي?? اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم کي پي ڊ??لي?? ڊي کي ختم ??رڻ جي حوالي سان لائحه عمل ۽ ان جي متبادل جي حوالي سان ڪميٽي جون سفارشون پيش ڪيون ويون. اجلاس دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته فوري طور پي ڊ??لي?? ڊي کي ختم ??رڻ جو عمل شروع ڪيو وڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ختم ??رڻ واري عمل دوران ملازمن جي مفادن جو تحفظ ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته پي ڊ??لي?? ڊي تحت جاري منصوبن کي لاڳاپي?? وفاقي ۽ صوبائي ادارن کان مڪمل ڪرايو ويندو. سرڪاري تعمير ۽ مرمت لاءِ عالمي معيار جي نجي ڪمپنين جون خدمتون حاصل ڪيون وينديون. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته پي ڊ??لي?? ڊي جي اثاثن جي انتظامن لاءِ هڪ ايسٽ مينيجمينٽ ڪمپني جوڙي ويندي، وزيراعظم هدايت ڪئي ته پي ڊ??لي?? ڊي جي اثاثن جي رڪارڊ کي مڪمل طور تي ڊجٽلائيز ڪيو وڃي، پاڪستان جون معاشي حالتون ملڪي خزاني کي نقصان پهچائيندڙ ادارن جو وڌيڪ بار برداشت ڪرڻ جي سگهه نٿيون رکن ان حوالي سان جاري عمل جي نگراني ۾ مان پاڻ ڪندس. اجلاس کي پي ڊ??لي?? ڊي کي ختم ??رڻ، جاري منصوبن تي عملدرآمد، پي ڊ??لي?? ڊي جي متبادل ۽ تعمير ۽ مرمت لاءِ نجي ڪمپنين جي خدمتن جي حاصلات جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پي ڊ??لي?? ڊي تحت جاري منصوبن کي وفاقي ۽ صوبائي ادارن کان مڪمل ڪرايو ويندو. جڏهن ته پي ڊ??لي?? ڊي کي ڪنهن به قسم جون نئون منصوبو نه ڏنو وڃي. تعمير ۽ مرمت جو ڪم عالمي معيار جي نجي ڪمپنين کي آئوٽ سورس ڪيو ويندو. اجلاس ۾ پي ڊ??لي?? ڊي جي ملازمن جي حوالي سان به ڳالهه ٻولهه ٿي، وزيراعظم ان حوالي سان ملازمن جي مفادن جو تحفظ ڪندي هڪ قابل عمل ۽ جامع لائحه عمل جوڙڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم لاڳاپي?? عملدارن کي جلد هن عمل کي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته هو هن عمل جي پاڻ نگراني ڪندو.