اسلام آباد – 24 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قومي اسيمبلي ۾ مصروف ڏينهن گذاريو، ان دوران حڪومتي اتحاد ۾ شامل پارٽين ??ي ميمبرن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم ايندڙ مالي سال 25 – 2024ع جي بجيٽ تي عام بحث دوران ايوان ۾ موجود رهيو، ان دوران وزيراعظم ??ان اتحادي پارٽين ??ي ميمبرن پڻ ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم ۽ دفاع واري وفاقي وزير خواجه آصف جي وچ ۾ ڊگهي مشاورت ٿي، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار به ڪجهه دير مشاورت ۾ شريڪ رهيو. ايوان ۾ مسلم ليگ (ن) جون عورتون وزيراعظم ??ان گڏ تصويرون ڪڍرائينديون رهيون. مسلم ليگ (ن) ??ي ميمبرن خرم شهزاد نواز، بلال اظه?? ڪياني، شيخ آفتاب احمد، عورت ميمبرن طاهره اورنگزيب، شائسته پرويز ملڪ، نزهت صادق، پيپلزپارٽي ??ي ميمبر شگفته جماڻي، اعجاز جکراڻي، ايم ڪيو ايم ??ي ميمبرن پڻ وزيراعظم ??ان ملاقات ڪئي. بلوچستان چونڊيل ميمبرن پڻ وزيراعظم ??ان ملاقات ڪئي. وزيراعظم ايوان مان ويندي استحڪام پاڪستان پارٽي ??ي ميمبر عليم خان ??ان هٿ پڻ ملايو.