اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪ بحريه جي اتر عرب سم??ڊ ۾ منشيات اسمگلنگ جي ڪوشش ناڪام بڻائڻ کي ساراهيندي چيو آهي ته پاڪ بحريه جا جوان ملڪي سامونڊي حدن جي حفاظت، سامونڊي ڦرلٽ ۽ انساني اسمگلنگ جي روڪٿام جي لا??ِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم منشيات اسمگلنگ ڪندڙ لانچ کي پڪڙڻ تي پي اين ايس اصلت ج?? آفيسرن ۽ جوانن کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪ بحريه جا جوان ملڪي سامونڊي حدن جي حفاظت، سامونڊي ڦرلٽ ۽ انساني اسمگلنگ جي روڪٿام لا??ِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته پنهنجي پيارن کان پري گهري سم??ڊ ۾ پنهنجا فرض سرانجام ڏيندڙ پاڪ بحريه ج?? آفيسرن ۽ جوانن کي مون سميت پوري قوم خراج تحسين پيش ڪري ٿي.