مڪه المڪرمه – 08 – ا??ري?? (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز السعود پاڪستان ۾ 5 ارب ڊالر ماليت جي نئين سعودي سيڙپڪاري پئڪيج جي پهرين مرحلي کي جلد پڄاڻي تائين پهچائڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان عبدالعزيز السعود ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي وچ ۾ باضابطا ملاقات کانپوءِ گڏيل پڌرنامو جاري ڪيو ويو. سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز السعود ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف الصفا پيلس مڪه المڪرمه ۾ هڪ باضابطا ملاقات ڪئي. سعودي ولي عهد وزيراعظم محمد شهباز شريف کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ا?? جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي اڻٿڪ حمايت ۽ مهمان نوازي تي سعودي ولي عهد جا ٿورا مڃيا ۽ ٻطرفن لاڳاپن ۽ اقتصادي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پاڪستا?? جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ??ي وچ ۾ ٿيندڙ ملاقات جو محور ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻ جا رستا ڳولڻ تي هو. ملاقات ۾ پاڪستا?? جي معيشت ۾ سعودي عرب جي تعاون کي ساراهيو ويو ۽ ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ ڪاروباري ۽ سيڙپڪاري جي حوالي سان تعاون وڌائڻ جي گڏيل عزم جو پڻ اظهار ڪيو ويو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۾ 5 بلين ڊالر ماليت جي نئين سعودي سيڙپڪاري پئڪيج جي پهرين فيز کي جلد کان جلد پڄاڻي تائين پهچائڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ??زه جي ڳڻتي جوڳي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي. هنن غزه ۾ اسرائيلي فوجي ڪاررواين کي روڪڻ، انساني جاني نقصان کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ عالمي ڪوششن تي زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن ??المي برادري تي زور ڏنو ته اها اسرائيل تي دٻاءُ وڌائي ته جيئن هو پنهنجي غيرقانوني قدمن کان پاسو ڪري ۽ عالمي قانون?? جي پاسداري ڪري. ٻنهي اڳواڻن ??زه تائين بنا رڪاوٽ جي انساني امداد جي په?? جي ضرورت تي زور ڏنو. هنن سلامتي ڪائونسل ۽ جنرل اسيمبلي جي لاڳاپيل قراردادن سان گڏوگڏ عرب امن قدم?? جي عمل کي اڳتي وڌائڻ جي ضرورت تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي جنهن جو مقصد هڪ آزاد فلسطيني رياست جنه?? جي گادي وارو شهر اوڀر يروشلم هجي، جي قيام جي لاءِ هڪ منصفاڻو ۽ ٺوس حل ڳولڻ آهي. ٻنهي ڌرين خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ تڪرارن خاص طور تي ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار کي حل ڪرڻ جي لاءِ ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ولي عهد کي جلد کان جلد پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني جنهن کي ولي عهد قبول ڪري ورتو.