اسلام آباد – 29 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته پاڪستان ٽيليويزن 2024ع جي چون??ن جي ڪوريج دوران غيرجانبداري جو خيال رکيو، پي ٽي وي هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪيو آهي ته هو ٻين چينلز جي لاءِ رول ماڊل آهي. اها ڳالهه هن پاڪستان ٽيليويزن هيڊڪوارٽرز ۾ چون??ن جي مسلسل ڪوريج سان واڳيل ملازمن ۾ تعريفي سرٽيفڪيٽ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي چئي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته عام چون??ن جي ڏينهن رات مسلسل نشريات پاڪستان ٽيليويزن جي سمورن شعبن جي اڻٿڪ محنت سان ممڪن ٿي آهي جيڪا ساراهه جوڳي آهي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ٽيليويزن جي پروفيشنلز غيرجانبداري جو خيال رکيو جيڪا شاندار ڪوريج جي پيشيواراڻي معيار ۽ اميدن تي پورو لهي ٿي. ان موقعي تي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد چيو ته وڏي پئماني تي غيرمعمولي ڪوريج کي بهتر انداز ۾ پيش ڪرڻ ۾ ايم ڊي پي ٽي وي سميت سمورن ملازمن ۽ شعبن جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. پي ٽي وي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سيد مبشر توقير شاهه چيو ته پاڪستان ٽيليويزن جي ملازمن عام چونڊن ??وران بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو. پرائيويٽ ميڊيا ۾ پڻ ان حوالي سان پي ٽي وي جي ڪارڪردگي کي ساراهيو ويو. هن چيو ته هن تقريب جو مقصد ملازمن جي حوصلا افزائي ڪرڻ آه??. و??ضح رهي ته ملڪي تاريخ جي 12 هين عام چون??ن جو مرحلو ڪاميابي سان پڄاڻي تي پهچي ويو آهي، 12 ڪروڙ 80 لک کان وڌيڪ ووٽرز جي لاءِ چونڊن ۾ پولنگ جي عمل کان وٺي نتيجن تائين سمورن مرحلن جي بنا رڪاوٽ ڪوريج ۽ لائيو رپورٽنگ کي پي ٽي وي بهتر طريقي سان نڀايو. ان حوالي سان پي ٽي وي هيڊڪوارٽرز ۾ تقريب منعقد ٿي جنهن ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪئي ۽ مختلف پروفيشنلز ۾ تعريفي سرٽيفڪيٽ ورهايا. تقريب جي آخر ۾ پاڪستان ٽيليويزن انتظاميا پاران اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي، اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد ۽ ايم ڊي پي ٽي وي مبشر توقير شاهه کي شيلڊز پيش ڪيون ويون.